تاريخ سنڌ13

تاريخ سنڌ13 (ڪتاب ):”تاريخ معصومي“ جي نالي سان مير محمد معصوم بکريءَ جو فارسيءَ ۾ ڪتاب لکيو هو، جنهن جي انگريزي ترجمي مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ديوان ننديرام سيوهاڻيءَ آسان ۽ نج سنڌيءَ ۾ ڪيو هو، جيڪو ان لحاظ کان سنڌي ادب جي نئين دور جو پهريون ڪتاب آهي. واضح هجي ته تاريخ معصوميءَ جو پهريون انگريزي ترجمو ڪئپٽن جي. جي ماليٽ (G.G Malet) ڪيو هو ۽ اهو انگريزي ترجمو 1855ع ۾ بمبئيءَ مان شايع ٿيو هو، جنهن تان ئي ديوان ننديرام ترجمو ڪيو هو ۽ اهو ترجمو ”تاريخ سنڌ“ جي نالي سان 1861ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو